وزير اعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان پهچي ويو

دوشنبا(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف وفد سان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي دوشنبا پهچي ويو.

دوشنبا ايئرپورٽ تي تاجڪ وزير اعظم قاهر رسول زادا ۽ وزيرن کيس استقبال ڪيو.

ايئرپورٽ تي وزير اعظم شهباز شريف سان تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول ملاقات ڪئي.

وزير اعظم دوشنبا ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار تي پهچي گلدستو رکيو.

واضح رهي ته اسماعيل ساماني تاجڪستان جو قومي هيرو آهي.

Pakistan PmShehbaz Tajikistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.