ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي آئيني عهدن کي گهليو ويو ته صدر کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪنداسين.
پنهنجي بيان ۾ فاروق ستار چيو ته پ پ اڳواڻن جو هڪ غير سياسي رويو آهي، پريس ڪانفرنس ۾ عدالتي فيصلي ۽ ايم ڪيو ايم جي موقف جي تائيد جي ڳالهه ڪئي پر پ پ اڳواڻن خالد مقبول جي ذات کي نشانو بڻايو.
هن چيو ته ڪامران ٽيسوري کي زبردستي ان بحث ۾ گهليو ويو، گورنر ايم ڪيو ايم جو آهي پر هو پارٽي کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي، پ پ جيڪڏهن گورنر جي استعيفيٰ جي ڳالهه ڪري ٿي ته بحث کي ٻئي پاسي کڻي وڃڻ چاهي ٿي.
farooqsattar ppp asifzardari