مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) راولاڪوٽ کانپوءِ پوليس ٿاڻي دڪي ۾ موجود سب جيل دڪي مان به 3 قيدي فرار ٿي ويا، پوليس مفرور قيدين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.
پوليس موجب 3 قيدي واش روم ۾ موجود روشن دان ٽوڙي فرار ٿيا، قيدي صبح واش روم لاءِ نڪتا هئا.
پوليس ٻڌايو ته سب جيل دڪي ۾ ڪُل 13 قيدي موجود آهن، فرار ٿيندڙ ٽئي قيدي ڦر جي مختلف واقعن ۾ قيد هئا.
پوليس موجب ٻه قيدي چمالنگ، جڏهن ته هڪ قيدي جو واسطو سنجاوي سان آهي، مفرور قيدين ۾ عصمت الله، ڪبير ۽ صديق شامل آهن، جن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.
Rawalakot Muzaffarabad prison