ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڙي پيٽروليم ڪمپني سنڌ ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ماڙي پيٽروليم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ غازي فارميشن ۾ گئس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن.
پڌرائيءَ موجب سنڌ ۾ غازي فارميشن ۾ کوهه تي 1006 ميٽر جي ڊرلنگ ڪئي وئي، شروعاتي جاچ ۾ کوهه مان 5 ملين اسٽينڊرڊ ڪيوبڪ فوٽ روز گئس جا ذخيرا مليا آهن.
ماڙي پيٽروليم جو چوڻ آهي ته کوهه مان پيدواري عمل ريگيوليٽري قاعدا پورا ڪرڻ کانپوءِ سسٽم ۾ شامل ٿيندو.
sindh gas maripetroleumcompanylimited