اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب قيدين جي فهرستن جي ڏي وٺ اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ لاڳاپيل هاءِ ڪميشنز ذريعي ڪئي وئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي انهن فهرستن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي.
ترجمان موجب پاڪستاني جيلن ۾ قيد 254 ڀارتي شهري قيدين ۽ مهاڻن جي فهرست ڀارت حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ڀارت قيد 452 پاڪستاني يا مبينا پاڪستاني شهرين ۽ مهاڻن جي فهرست فراهم ڪئي.
ترجمان ٻڌايو ته پاڪستان گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي فهرست به ڀارتي اختيارين کي ڏني، انهن اهلڪارن بابت خيال آهي ته اهي 1965 ۽ 1971 جي جنگين کانپوءِ ڀارت جي تحويل ۾ آهن.
ترجمان چيو ته پاڪستان سزا مڪمل ڪندڙ سڀني قيدين جي فوري طور آزادي ۽ ڏيهه واپسي جو مطالبو ڪيو آهي ۽ جسماني ۽ ذهني معذور قيدين تائين خاص قونصلر پهچ جي درخواست ڪئي آهي.
ممتاز زهريٰ بلوچ چيو ته ڀارتي جيلن ۾ قيد سڀني پاڪستانين جي جلد واپسي يقيني بڻائڻ جون ڪوششون جاري رکيون وينديون، هلندڙ سال هيل تائين 4 پاڪستاني قيدين جي ڏيهه واپسي مڪمل ٿي چڪي آهي.
pakistan india mumtazzahra