ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پٽاٽي اندر منشيات لڪائي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ڪنٽينر مان وڏي مقدار ۾ نشو ۽ آئس برآمد ڪئي وئي.
اينٽي نارڪوٽڪس فورس پورٽ ڪنٽرول يونٽ ڪراچي گيٽ وي ٽرمينل تي ڪارروائي ڪندي راس الخور قطر ويندڙ پٽاٽن تي ٻڌل هڪ ڪنٽينر کي ڳجهي اطلاع تي روڪيو.
ڪارگو ڪنٽينر جي تلاشي جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ ميٿفٽا مائن آئس برآمد ٿي.
برآمد ٿيندڙ نشي آور دوائن کي وڏي مهارت سان پٽاٽن ۾ لڪايو ويو هو، ڪارگو ڪنٽينر ديپالپور، پنجاب جي هڪ گودام مان لوڊ ڪرايو ويو هو.
اختياريون واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيون آهن.