بابر هاڻي رضوان جي ڪپتاني ۾ کيڏندو

پاڪستان ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم هاڻي محمد رضوان جي ڪپتاني ۾ کيڏندو.
ڪئناڊا جي گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ رضوان کي ونڪوور نائٽس جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، وينڪوور جي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، محمد عامر ۽ آصف علي به شامل آهن.
ڏکڻ آفريڪا جو ڊيوائن پريٽوريس نيپال جو سنديپ لميڇاڻي به اسڪواڊ جو حصو آهن، وينڪور نائٽس رضوان کي ڪپتان بڻائڻ جي اعلان ۾ ان جي نالي سان گڏ ”سر“ لکيو.
گلوبل ٽي ٽوئنٽي ليگ 25 جولاءِ کان 13 آگسٽ تائين ڪئناڊا ۾ کيڏي ويندي.
Pakistan BabarAzam MuhammadRizwan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.