آءِ فون 16 سيريز ۾ اوهان پاڻ ئي آساني سان بيٽري تبديل ڪري سگهندا

ايپل طرفان آءِ فون 16 سيريز ۾ اهڙي تبديلي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو پهريان تصور به ڪيو ويو هو.
هڪ رپورٽ موجب ايپل طرفان هڪ نئين ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان آءِ فون جي بيٽري کي تبديل ڪرڻ آسان ٿي ويندو.
هاڻي آءِ فون جي بيٽري تبديل ڪرڻ آسان ناهي، ان لاءِ ڪنهن ماهر کان مدد وٺڻي پوندي آهي.
پر يورپي يونين جي نئين قانون سبب ڪمپني طرفان نئين ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
يورپي يونين تحت سمورن اسمارٽ فونز ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو انهي ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته واهپيدار آساني سان بيٽري کي تبديل ڪري سگهن.
رپورٽ موجب آءِ فون 16 جي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ ماڊل انهي بيٽري کي متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب ٿيو ته آءِ فون 17 سيريز جي سمورن ماڊلز ۾ اهڙي نئين بيٽري ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو.
Iphone16 Apple NewFeatures

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.