ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز ڪراچي وارن کي سڀاڻي کان گرمي جي لهر گهٽجڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
سردار سرفراز موجب ڪراچي ۾ جاري گرمي جي لهر سڀاڻي کان گهٽجڻ جو امڪان آهي، سڀاڻي کان گرم موسم جي شدت ۾ گهٽتائي اچي ويندي.
هن ٻڌايو ته سڀاڻي کان شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو به امڪان آهي.
هوڏانهن موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ چيو ته گرم موسم جو سبب عربي سمنڊ ۾ ٺهندڙ هوا جو گهٽ دٻاءُ آهي، جيڪو جلد ختم ٿيڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته اڄ رات کان سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿينديون، ايندڙ ڏينهن ۾ مختلف علائقن ۾ صبح ۽ رات جو بوندا بادي جو امڪان آهي.
karachi weather weatherupdate