لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت راولپنڊي کان مري تائين ٽورسٽ گلاس ٽرين منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ۽ ن ليگ صدر شهباز شريف جي صدارت هيٺ 5 ڪلاڪ ڊگهو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب مري ڊيولپمينٽ منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ مري ڊيولپمينٽ پلان، بيوٽي فڪيشن، ٽرانسپورٽ، تعمير ۽ بحالي جي پراجيڪٽس ۽ راولپنڊي کان مري ٽورسٽ گلاس ٽرين پراجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ راولپنڊي کان مري ٽورسٽ گلاس ٽرين لاءِ انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، گڏوگڏ مري سميت هر شهر، علائقي ۽ تاريخي عمارتن جا قديمي نالا بحال ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.
maryamanwaz pmln nawazsharif