ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو گاڏين جي خاص نمبر پليٽن جي نيلامي ٿي، جنهن ۾ سڀ کان مهانگي نمبر پليٽ 10 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿي.
سنڌ جي ايڪسائز کاتي طرفان نمبر پليٽن جي نيلامي ڪئي وئي، جنهن ۾ 40 نمبر پليٽن جي نيلامي سان 67 ڪروڙ 54 لک رپيا گڏ ٿيا.
ايڪسائز کاتي موجب هڪ نمبر واري پريميئم پليٽ 10 ڪروڙ رپين، 5 نمبر واري 5 ڪروڙ 30 لک رپين ۾ نيلام ٿي، جڏهن ته 7 نمبر واري نمبر پليٽ 4 ڪروڙ 60 لک رپين ۾ نيلام ٿي.
پليٽ نمبر 8 چار ڪروڙ 10 لک رپين ۾ نيلام ٿي، جڏهن ته پليٽ نمبر 9 چار ڪروڙ رپين ۾ خريدي وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته نيلامي سان حاصل رقم ٻوڏ سان تباهه ٿيل گهرن جي تعمير تي خرچ ڪئي ويندي.
هن چيو ته جلد پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي جو ٻيو مرحلو به شروع ڪيو ويندو، ايندڙ نيلامي سان نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ وڌيڪ مدد لاءِ واڌو وسيلا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي.
sharjeelmemon sindh ppp