ڏهرڪي (رپورٽ: اسد لغاري) اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي چيو آهي ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس کي لنڊ – پتافي قبيلائي تڪرار جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.
ڏهرڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي باري پتافي چيو ته جڏهن کان صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ٿيو آهي، ان ڏينهن کان لنڊ قبيلي جي ماڻهن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن طريقي سان نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس ڪنهن پتافي جي ڳچي ۾ فٽ ڪجي.
هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ڪيس جي صحيح نموني جاچ ڪري، صحافي نصرالله گڏاڻي جو ڪيس لنڊن تي داخل ٿيو ۽ قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار ۽ واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل ۽ موٽر سائيڪل به ريڪور ڪرائي وئي، جنهن کان بعد لنڊن ڪوشش ڪئي ته ان کي قبيلائي جهيڙي ڏانهن وٺي وڃجي پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو پتافي قبيلي گذريل 24 سالن کان اهو طئي ڪري ورتو آهي ته امن ميلا ڪرائي قبيلائي جهيڙن جو خاتمو ڪرڻو آهي، اسان جو ڪو به ماڻهو لنڊن خلاف نه پيو لکي پر لنڊن جا ماڻهو مسلسل منهنجي خلاف لکن پيا ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا پر سنڌ جو شعور شهيد نصرالله گڏاڻي جي ناحق قتل خلاف ڪڏهن به خاموش نه ٿيندو.
باري پتافي چيو ته پتافي پنهنجي گهرن ۾ آهي ۽ پتافي ڪنهن به قبيلائي تڪرار جو حصو نه ٿيندا.
daharki nasrullahgadani baripitafi