ڏيڍ ارب سِر جي قيمت، دنيا جي سڀ کان گهربل فرادي عورت جي پراسرار ڪهاڻي

بلغاريه ۾ ڄمندڙ عورت روجا اگناتووا دنيا جي سڀ کان گهربل عورت آهي، جنهن جي گرفتاري تي ايف بي آر 4 ملين پائونڊ انعام رکيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب بلغاريه ۾ پيدا ٿيندڙ 43 ورهين جي روجا اگناتووا، جنهن وٽ جرمن شهريت آهي، دنيا جي سڀ کان گهربل عورت آهي، جنهن جي گرفتاري تي ايف بي آر لڳ ڀڳ هڪ ارب 40 ڪروڙ پاڪستاني رپيا انعام رکيو آهي.
رپورٽ موجب روجا ڪرپٽو ڪوئن جي نالي سان مشهور آهي، جنهن تي هيل تائين دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپٽو ڪرنسي فراڊ جو الزام آهي.
هوءَ 2017 کان گم آهي، جنهن کانپوءِ ايف بي آر کيس انتهائي گهربل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪري ورتو.
فراڊي عورت بابت خيال ڪيو ويندو آهي ته هن پلاسٽڪ سرجري ڪرائي پنهنجي صورت تبديل ڪري ڇڏي هوندي ۽ اهي اڳڪٿيون به ڪيون وينديون آهن ته کيس قتل ڪيو ويو آهي.
پر ايف بي آر کي اڃا تائين ان عورت جي ڳولا آهي.

bulgaria fbr criptocurrency

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.