اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ جو اختيار ناهي: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽي کي چونڊن کان ٻاهر ڪري.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ فل ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ڌار ڪري ڇڏيو هو، سپريم ڪورٽ جيڪڏهن چئي ته اليڪشن ڪميشن فيصلي جي غلط تشريح ڪئي ته ڪهڙا اثر پوندا؟
جسٽس اطهر من الله چيو ڇا ائين مڃيو وڃي ته تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ٻاهر ڪيو ويو، ڇو ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي تشريح ڪئي؟ بئنچ ته چئي رهي آهي ته اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي غلط تشريح ڪئي.
جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته هڪ اميدوار جي ڳالهه ناهي، تحريڪ انصاف جي ڳالهه ٿي رهي اهي، جيڪا قومي جماعت آهي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي چيو ته توهان کي نشان نه ملندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو پر ائين نه چيو ته تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
جسٽس منيب چيو ته سپريم ڪورٽ جو تحريڪ انصاف کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ جو قطعي مقصد نه هو.
سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

supremecourtofpakistan pti justiceatharminallah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.