سکر(ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداريءَ چيو آهي ته ڪچي ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارن ڌاڙيلن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻين خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.
سکر ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ ڪچي ۽ صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته صوبي ۾ امن امان جي خرابي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ملڪي خوشحاليءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين.
هن چيو ته سکر بئراج هڪ قيمتي اثاثو آهي،بئراج جي بحالي ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن،
ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، صوبائي وزيرن ۽ پ پ سينئر ڳواڻن صدر جي سکر پهچڻ تي استقبال ڪيو.
صدر آصف علي زرداريءَ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل سميت ٻين ترقياتي منصوبن بابت به غور ويچار ڪيو ويو.
اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ صوبائي ادارن جا ذميوار آفيسر شريڪ ٿيا، سکر جي دوري بعد صدر مملڪت ڪراچي روانو ٿي ويو.
Pakistan PresidentIjlas Sukkur
Next Post
You might also like