لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سياسي طور متحرڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب لاهور ۾ نواز شريف جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا سعد رفيق سميت ٻين به شرڪت ڪئي.
نواز شريف جي پارٽي اڳواڻن سان 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي، ذريعن ٻڌايو ته نواز شريف سياسي طور متحرڪ ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ جلد پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ملاقات ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف سياسي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو.
Pakistan NawazSharif NLeague
You might also like