تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو آمريڪا طرفان هٿيارن جي پهچ ۾ ”ڊرامائي گهٽتائي“ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيتن ياهو وزيراعظم هائوس مان جاري ڪيل هڪ سرڪاري بيان ۾ چيو ته اسان آمريڪا کي هٿيارن جي پهچ تيز ڪرڻ لاءِ هر هر چيو پر رڳو وضاحتون مليون.
هن چيو ته آمريڪا غزا جنگ جي شروعات کان اسان جي اخلاقي ۽ دفاعي طور ڀرپور مدد ڪئي پر تقريبن 4 مهينن کان هٿيارن جي فراهمي ۾ ڊرامائي گهٽتائي ٿي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي آمريڪي دوستن کي هٿيارن جي پهچ تيز ڪرڻ لاءِ چيو، اسان هر هر چيو، اعليٰ سطح تي ڳالهه پهچائي ۽ نجي ملاقاتن ۾ به اها ڳالهه ڪئي پر اسان کي رڳو وضاحتون ئي مليون ۽ بنيادي صورتحال تبديل نه ٿي.
Prev Post
Next Post
You might also like