گهرو وزير آزاد ڪشمير ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق بچاءَ واري وزارت ۾ محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آزاد ڪشمير ۾ امن امان ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي نئين مالي سال جي بجيٽ تي به گفتگو ٿي.
ان موقعي تي محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي منظوري به ڏني.
گهرو وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪنداسين، آزاد ڪشمير ۾ سيڪيورٽي بابت انتظامن کي بهتر بڻايو ويندو.

mohsinnaqvi pmln azadkashmir

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.