ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت جو ڪڻڪ جي خريداري وارو فيصلو غيرقانوني ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيف سيڪريٽري بلوچستان کي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ رکيل 500 ملين رپيا قرض جي ادائيگي ۽ ٽيڪنيڪل سينٽر جي قيام لاءِ خرچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت ڪڻڪ خريداري لاءِ رکيل رقم ٽائون پلاننگ ۽ صاف پاڻي جي فراهمي وغيره تي خرچ ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته صوبي جي ڪمزور مالي حالت کي ڏسندي پنهنجا خرچ گهٽ ڪري نقصان وارن کاتن کي بند ڪرڻ جي ضرورت آهي، خوراڪ کاتو پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
عدالت فيصلي جي ڪاپي چيف سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري کي موڪلڻ جي هدايت ڪئي ۽ رمارڪس ڏنا ته اميد آهي وڏو وزير پاڻ انهي معاملي کي ڏسندو.
Balouchistan pakistan court
You might also like