افغانستان مان سالياني بنياد تي برآمدن ۾ وڏي واڌ

افغانستان مان سالياني بنياد تي برآمدن ۾ وڏو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.
واپار واري وزارت موجب مئي ۾ سالياني بنياد تي افغانستان لاءِ برآمند ۾ 67 سيڪڙو وڏو اضافو ٿيو ۽ هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن جولائي کان مئي تائين افغانستان لاءِ درآمدون 9.1 سيڪڙو وڌيون آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته مئي ۾ افغانستان لاءِ برآمدن جو ڪاٿو 11 ڪروڙ 88 لک ڊالرز رهيو، جڏهن ته ان کان پهريان مئي 2023ع ۾ افغانستان لاءِ برآمدون 7 ڪروڙ 13 لک ڊالرز هيون.
اهڙي ريت جولائقي 2023ع کان مئي 2024ع تائين افغانستان لاءِ برآمدون 98 ڪروڙ 99 لک ڊالرز رهيون، هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغانستان کان درآمدون 38 سيڪڙو گهٽ ٿيون آهن.
Market Afghanistan Exports

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.