اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڏيڍ سالن کان زور لڳايو پر ڪجهه نه ٿين هاڻي وري منٿ ميڙ تي اچي ويا آهن.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته عون چوڌري چيو هو ته هو پي ٽي آءِ باني کي ڊگي ۾ لڪائي جنرل امجد اعواڻ جي گهر وٺي ويو هو، اتي پي ٽي آءِ باني جنرل باجوا جي پيرن کي هٿ نه لڳايو باقي هر طرح جي منٿ ڪئي.
وفاقي وزير ٻڌايو ته جيترا بوٽ پي ٽي آءِ وارن چٽيا آهن، شايد ڪنهن نه چٽيا هجن، مجبور ڪيو ويو ته انهن ماڻهن جا نالا ٻڌائيندس جيڪي اسان وٽ اچي ڪري پي ٽي آءِ باني کي گاريون ڏيندا هئا.
Pakistan PTI KhuwajaAsif
Prev Post
Next Post
You might also like