اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري وزير اعظم شهباز شريف کي بجيٽ جي منظوري ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي، گڏو گڏ هن وزير اعظم کي بجيٽ بابت پنهنجن خدشن کان به آگاهه ڪيو.
وزير اعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي وزير اعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شموليت ۽ پنجابه ۾ پاور شيئرنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ذريعن موجب بلاول ڀٽو شڪايت ڪئي ته حڪومت ڪنهن فيصلي سازي ۾کين اعتماد نه پئي وٺي ۽ سنڌ جي مختلف منصوبن ۾ وفاقي حڪومت سنجيدگي ناهي ڏيکاري.
ذريعن ٻڌايو ته وزير اعظم پ پ چيئرمين کي سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
ملاقات ۾ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار،ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب،راڻا ثناءُ الله،عطا تارڙ ۽ علي پرويز ملڪ به موجود هئا.
پيپلزپارٽي بجيٽ ۾ صلاح مشورو نه ڪرڻ تان وفاقي حڪومت کان ناراض هئي، 12 جون تي بجيٽ اجلاس ۾ بلاول شرڪت نه ڪئي هئي، پيپلزپارٽي جا ڪجهه ئي ميمبر علامتي طور تي ايوان ۾ شامل ٿيا هئا.
Pakistan PPP NLeague