لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جج کي هراسان ڪرڻ جي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ گذريل ٻڌڻي جو محفوظ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شهزاد احمد خان محفوظ فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ هن پوليس آفيسرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور هاءِ ڪورٽ آر پي او سرگوڌا، ريجنل آفيسر سي ٽي ڊي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي توهين عدالت جا شوڪاز جاري ڪندي 27 جون تائين ڌرين کان وضاحت طلب ڪري ورتي.
عدالت ڪيس ايندڙ ٻڌڻي لاءِ جسٽس شاهد ڪريم جي عدالت ۾ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ اي ٽي سي جج جا خط سپريم ڪورٽ بئنچ ۾ موڪلڻ جو به حڪم ڏنو.
lahorehighcourt pakistan lahore