نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي تخت گاهه نئين دهلي ۾ هيٽ ويو گذريل سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب نئين دهلي ۾ هيٽ ويو سبب ٻن ڏينهن دوران 52 فوتگيون ٿيون آهن، 11 کان 19 جون دوران هيٽ ويو سبب نئين دهلي ۾ 192 بي گهر ماڻهو فوت ٿيا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ هلندڙ گرمين دوران هيٽ اسٽروڪ جا 40 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ پهرين مارچ کان 18 جون تائين گهٽ ۾ گهٽ 110 فوتگين جي تصديق ٿي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب موسميات کاتي هلندڙ مهيني معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ گرمي پد هجڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته نئين دهلي ۾ اربع تي 50 سالن کان وڌيڪ جي گرم ترين رات هئي.
newdelhi heatstroke heatwave