پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل انمول بلوچ اداڪار بلال عباس خان سميت ٽن اداڪارن سان اسڪرين شيئر ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
انمول بلوچ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ مستقبل ۾ احد رضا مير، فواد جلال ۽ بلال عباس خان سان گڏ هيروئن جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
هن چيو ته موسيقيءَ جو ڏاڍو شوق آهي، منهنجي خواهش آهي ته پيانو وڄايان، موقعو مليو ته ضرور پيانو وڄائڻ سکندس، مان جلد ئي هڪ فلم سائن ڪرڻ چاهيان ٿي ۽ وڏي اسڪرين تي پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ چاهيان ٿي.
انمول بلوچ شوبز ۾ ايندڙ ڇوڪرين کي صلاح ڏني ته هو صرف صبر سان ڪم ڪن ۽ باقي خدا تي ڇڏي ڏين.
ياد رهي ته اداڪارا انمول بلوچ جو تعلق سنڌ صوبي جي ضلعي ڪشمور جي هڪ ڳوٺ سان آهي.
انمول بلوچ زندگيءَ جو گهڻو حصو ڪراچيءَ ۾ گذاريو ۽ تعليم ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪئي، انمول گريجوئيشن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي.
Pakistan AnumBaloch Fawadkhan
Next Post
You might also like