پاڪستاني اداڪارا مومنا اقبال جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو.
اداڪارا پيءُ جي لاڏاڻي جي خبر انسٽاگرام اسٽوري تي شيئر ڪئي،جنهن ۾ هن چيو ته ”مان انتهائي ڏک سان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجو والد لاڏاڻو ڪري ويو آهي“
هن قرآني آيتن جو حوالو ڏيندي چيو ته ”قرآن اسان کي اهو ٻڌائيندو آهي ته بيشڪ اسان الله جا آهيون ۽ ان وٽ ئي واپس وڃڻو آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا بيان تي هن پنهنجي پيءُ جي جنازي جا تفصيل به شيئر ڪيا.
ياد رهي ته اداڪارا پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان گڏ سدائين تصويرن ۾ سوشل ميڊيا تي نظر ايندي رهندي هئي.
Pakistan Actress mominaiqbal