يشما گل ڊپريشن جي مريض ڪيئن ٿي؟

پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا يشما گل انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڊپريشن ۾ مبتلا آهي.
ڊراما انڊسٽري ۾ دوستن جي دوست جي حيثيت سان مشهور اداڪارا يشما گل ذهني صحت ۽ جانورن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن آهي.
اهو ئي سبب آهي جو اداڪارا ڪنهن به پليٽ فارم تي پنهنجي ذهني صحت بابت ڳالهائڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪندي آهي.
تازو ئي اداڪارا کي هڪ تقريب ۾ مهمان طور گهرايو ويو، جتي هن پنهنجي ذهني صحت جي مشڪل موضوع ۽ 21 سالن جي عمر ۾ ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ بابت ڳالهايو.
هن جو چوڻ هو ته منهنجين گهريلو حالتن ڊپريشن جي تشخيص ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو ڇاڪاڻ ته منهنجي پيءُ ٻه شاديون ڪيون هيون.
اداڪارا چيو ته جيتوڻيڪ منهنجو پيءُ ڏاڍو انصاف پسند انسان هو ۽ هن هميشه ٻنهي گهرن کي هڪجهڙو رکيو پر پوءِ به گهر ۾ ڪجهه نه ڪجهه هو، جڏهن توهان ننڍپڻ ۾ گهر ۾ بحث ٻڌو ٿا ته اهو ضرور توهان جي ذهني صحت تي اثر انداز ٿئي ٿو.
Pakistan YashmaGil Depression

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.