ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد کانپوءِ پهرئين ڪاروباري ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس ٻه هزار 95 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزارن جي حد پار ڪندي 78 هزار 802 پوائنٽن تي بند ٿيو.
هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 78 هزار 890 پوائنٽن تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو.
psx business karachi