لاهور هاءِ ڪورٽ سڄو چونڊ عمل روڪي ڇڏيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيون؟ چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ديسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سڄو چونڊ عمل روڪي ڇڏيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيون؟
سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونلز ڪيس ۾ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون موجب آهي؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏنو ته فيصلو قانون موجب آهي پر ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هاءِ ڪورٽ ڇا ڪيو.
چيف جسٽس چيو فارم 45 واري ڳالهه اليڪشن ٽربيونل ۾ آهي، شايد اپيل اسان وٽ اچي، اسان قانون ڏسنداسين، اسان جو ڪم اهو ڏسڻ ناهي ته توهان ڳري ووٽ سان کٽيا يا نه، اسان کي خبر ناهي ته اڳتي پوئتي ڪيس ڪهڙا آهن، درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن ته ڪاپي ته گڏ لڳايو.
وڪيل اڳواڻ نياز الله نيازي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جو اثر ته اسان درخواستگذارن تي پوندو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪجهه درخواستون ٻڌڻي هيٺ هجڻ باوجود ٻڌي رهيا آهيون، لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو، سڀاڻي سڀ اچي ويندا اسان کي به ٻڌو، ڪنهن کي انڪار نٿا ڪري سگهون.
نياز الله نيازي چيو ته اسان جون هاءِ ڪورٽ ۾ درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، سمورا اميدوار عدالتي ڪمري ۾ موجود آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته دير ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ته ڏئي ڇڏيو.
جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هيس ته صاف چيو هو ٽربيونلز جي قيام جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي.
وڪيل سڪندر بشير چيو ته 1977 کان اليڪشن ڪميشن ئي اليڪشن ٽربيونلز قائم ڪندي اچي ٿي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڳ ۾ به لاهور هاءِ ڪورٽ سڄو چونڊ عمل روڪي ڇڏيو هو، ڇا اليڪشن ڪميشن کي ئي ختم ڪري ڇڏيون؟
هن چيو ته رٽرننگ آفيسر جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ سڄو چونڊ عمل ئي روڪي ڇڏيو هو، توهان پنهنجو ڪم ڪيو ٻين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.