بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جي نئين فلم ”سرفيرا“ جي رليز جا تفصيل سامهون اچڻ سان ئي پرستارن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.
فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اداڪار اڪشي ڪمار فلم جو پوسٽر جاري ڪيو، جنهن ۾ سوشل ميڊيا واهپيدار سندس نئون روپ ڏسي دنگ رهجي ويا.
اڪشي ڪمار فلم جي ڪهاڻي کي مختصر لفظن ۾ ٻڌايو ۽ پوسٽ جي ڪيپشن ۾ چيو ته هي هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جنهن وڏا خواب ڏسڻ جي همت ڪئي.
اڪشي ٽريلر جي رليز جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته منهنجي لاءِ اها هڪ ڪهاڻي، هڪ ڪردار، هڪ فلم ۽ زندگيءَ جو هڪ موقعو آهي، فلم ”سرفيرا“ جو ٽريلر 18 جون تي رليز ڪيو ويندو.
نه رڳو ايترو پر پنهنجي هڪ بيان ۾ هن فلم جي رليز جي تاريخ جو به اعلان ڪيو ۽ پرستارن کي گذارش ڪئي ته سرفيرا 12 جولاءِ تي رڳو سينيما گهرن ۾ ڏسن.
واضح رهي ته فلم ”بيبي“، ”ايئر لفٽ“، ”ٽائيلٽ“ ”ايڪ پريم ڪٿا“ ۽ ”اسپيشل 26“ کانپوءِ اڪشي ڪمار ”سرفيرا“ ۾ پنهنجي بهترين ۽ منفرد ڪردار ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
Akshaykumar Bollywood india