فنڪار چاهت فتح علي خان واعدي موجب پنهنجو نئون گانو ”بدو بدي 2 “جاري ڪري ڇڏيو.
چاهت فتح علي خان جو نئون گانو واهپيدارن کي متاثر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهو گانو پراڻي ورجن جي ڪاپي هو.
پاڪستان،ڀارت،نيپال، بنگلاديش ۽ ايستائين جو آمريڪا ۾ به وائرل ٿي ويل پراڻي گاني ”بدو بدي“ هر سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا.
ان گاني کي يوٽيوب تان ڊليٽ ڪرڻ کان پوءِ واهپيدار نئين ورجن کي ٻڌڻ لاءِ بيتاب هئا، پر چاهت فتح علي خان طرفان جاري ڪيل نئون گانو واهپيدارن کي پسند نه آيو، ائين ئي اهو گانو فلاپ ٿي ويو.
ChahatFatehalikhan Pakistan Badobadi2
Prev Post
Next Post
You might also like