ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر مان 68 هزار ٽن ڪچرو هٽايو ويو آهي، عيد جي ٻئين ڏينهن تي به ڪراچي جي عوام ڀرپور ساٿ ڏنو.
عيدالاضحيٰ جي ٻئين ڏينهن مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري صفائي سٿرائي جي انتظامن جو جائزو ورتو.
هن چيو ته ڪراچي جي 25 ٽائونز مان 68 هزار ٽن ڪچرو گڏ ڪيو ويو آهي، جن ۾ جانورن جا اوجهه به شامل آهن، شهر ۾ قائم 99 ڪليڪشن پوائنٽس تان ڪچرو گڏ ڪري لينڊ فل سائٽس تي آندو پيو وڃي.
ميئر ڪراچي جو چوڻ هو ته عيد جي ڏينهن ۾ سمورا ميونسپل ادارا، سالڊ ويسٽ عملو سرگرم آهي، ڪليڪشن پوائنٽس اسپري جو عمل به روزاني جي بنياد تي جاري آهي.