دادو: ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺاڻو فوت

دادو (رپورٽر) دادو ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو.
ڳوٺ قاضي پير محمد سولنگي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان نور حسين پٽ غلام سرور سومرو فوت ٿي ويو.
نوجوان ٿنڀي تي چڙھي بجلي ٺاھي رهيو هو ته کيس ڪرنٽ لڳو، جنهن سبب هو کنڀي تان ڪري بيھوش ٿي ويو، کيس دادو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي نوجوان جو مڙهه گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

dadu sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.