سانگهڙ مان زخمي اُٺ ڪراچي منتقل، هٿرادو ڄنگهه لڳائڻ لاءِ ڪوششون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ مان زخمي اُٺ کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جنهن کي اينيمل سينچري ۾ علاج جي سهولت ڏني پئي وڃي.
پ پ ترجمان شازيا مري موجب اسان جي ڪوشش آهي ته اٺ کي هٿرادو ڄنگهه لڳي، جنهن لاءِ اسان ڪمپنين سان رابطي ۾ آهيون.
هن چيو ته تڪڙين ڪوششن سان اٺ جي سار سنڀال ڪئي وئي ۽ ان کي حفاظت ۾ آندو ويو، اٺ جي زندگي بچائڻ هڪ گڏيل ڪوشش هئي.
سندس چوڻ هو ته وحشياڻي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي ته جيئن ٻيهر ڪير اهڙو ڏوهه نه ڪري سگهي.

sanghar sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.