پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي شگفتا اعجاز به ڏمريل

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪارا شگفتا اعجاز طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي جي ڪري قومي ٽيم تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ورلڊ جي انتهائي اهم مرحلي ۾ بدترين پرفارمنس جي بنياد تي پاڪستاني ٽيم ورلڊ ڪپ جي پهرين مرحلي مان شرمناڪ انداز ۾ ٻاهر ٿي وئي.
پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سينئر اداڪارا شگفتا اعجاز انسٽاگرام تي پوسٽ شيئر ڪئي ته ” شڪست ۽ جيت راند جو حصو آهي، اسانکي قومي ٽيم جي انهي شڪست کي وساري هڪ ٻي شڪست جو انتظار ڪرڻ کپي.
اداڪارا طرفان شيئر ڪيل پوسٽ سان واهپيدار به متفق نظر آيا ۽ ردعمل ڏنو.
واهپيدارن اداڪارا جي راءِ سان متفق ٿيندي چيو ته بلڪل ٺيڪ چيو اوهان، اسان به هاڻي پنهنجي ٽيم ۾ ڪا اميد نه رکنداسين.
ShuquftaAijaz pakistan babarazam

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.