ڀارت خلاف مئچ مونکي فنش ڪرڻو هو پر نه ڪري سگهيس: عماد وسيم

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آلرائونڊر عماد وسيم چيو آهي ته ڀارت خلاف مئچ اسانجي هٿ ۾ هو، پلاننگ هئي پر ان تي عمل نه ڪيو ويو، اهو مئچ مونکي فنش ڪرڻو کپي ها.
فلوريڊا جي شهر لاڊرهل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عماد وسيم جو چوڻ هو ته اسان ٽورنامينٽ ۾ سٺو نه کيڏي سگهيا آهيون، رانديگرن لاءِ ڏکيو وقت آهي، آئرلينڊ خلاف مئچ به انٽرنيشل مئچ آهي ان کي آسان نه وٺنداسين.
پاڪ-ڀارت مئچ جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته موسم اوهان جي ڪنٽرول ۾ ناهي، برسات سبب مئچز متاثر ٿيڻ مايوس ڪندڙ آهي، ڀارت خلاف مئچ ۾ پلان هو، آخر تائين وڃي مئچ کي فنش ڪرڻو هو.
ImadWasim Pakistan t20WorldCup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.