نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن ملڪ کي ترقي ڪرڻي آهي ته پي ٽي آءِ باني کي 5 سال جيل اندر ئي رکو.
پنهنجي بيان ۾ احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سياست ڏڦيڙ جي سياست آهي ۽ ملڪ عدم استحڪام ۽ بي يقيني جي سياست برداشت نٿو ڪري سگهي.
هن چيو عمران خان ۽ عدليا فيصلو ڪن ته ملڪ کي ڳالهين ۽ امن سان اڳتي وٺي وڃڻو آهي يا ڏڦيڙ پکيڙڻو آهي، حڪومت 5 سال پورا ڪندي، اسٽيبلشمينٽ به سمجهي وئي آهي.
ahsaniqbal pmln pti