سونا ڪشي شادي ڪري ڇڏي،شوبز شخصيتن طرفان تصديق

بالي ووڊ اداڪارا سونا ڪشي سنها ۽ اداڪار ظهير اقبال جي شادي جو آڊيو دعوتنامو ليڪ ٿيڻ بعد شادي جي تصديق بالي ووڊ شخصيتن طرفان به ڪئي پئي وڃي.
گذريل ڪجهه ڏينهن پهريان ڀارتي ميڊيا تي خبرون سامهون اچي رهيون آهن ته سوناڪشي ۽ ظهير اقبال هلندڙ مهيني جي 23 جون تي شادي ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي اڃا تائين ٻنهي اداڪارن طرفان تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
گذريل ڏينهن جوڙي جي شادي جو آڊيو دعوتنامو سوشل ميڊيا تي ليڪ ٿي ويو هو، جنهن ۾ سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال شادي جو اعلان ڪيو آهي.
اداڪارا پونم ڌلون ڀارتي خابرو اداري کي ٻڌايو ته کيس سونا ڪشي جي شادي جو دعوتنامو موصول ٿيو آهي.
ٻئي طرف بالي ووڊ ريپر يويو هني سنگهه طرفان به سوناڪشي جي شادي جي تصديق ڪئي وئي.

Sonakshi bollywood india

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.