پوليس اهلڪار چيمبر ۾ گهڙي ٻن وڪيلن کي قتل ڪري ڇڏيو

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) اٽڪ ۾ پوليس اهلڪار فائرنگ ڪري ٻن وڪيلن کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب ايليٽ فورس جي اهلڪار تڪرار تي وڪيل جي چيمبر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪ ڊسٽرڪٽ بار جو اڳوڻو صدر اسرار احمد ۽ ايڊووڪيٽ ذوالفقار مرزا مارجي ويا.
پوليس ٻڌايو ته قاتل کي گرفتار ڪري اٽڪ سٽي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

attock punjab paksitan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.