خيبر (ويب ڊيسڪ) خيبر ۾ پوليس منشيات خلاف ڪارروائي ڪندي شڪي ٽرڪ جي ڳجهن خانن مان اربين رپين جي منشيات برآمد ڪري ورتي.
خيبر ضلعي جي ڊي پي او سليم عباس ڪلاچي موجب خيبر جي علائقي شاڪس ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس ناڪابندي ڪئي ۽ شڪي ٽرڪ جي ڳجهن خانن مان 67 ڪلو گرام هيروئن برآمد ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات ڪوئيٽا کان خيبر منتقل ٿي رهي هئي، جڏهن ته ڪارروائي دوران 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري کين جاچ لاءِ جمرود ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.
ڊي پي او موجب پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ قيمت تقريبن 3 ارب 61 ڪروڙ رپيا آهي.
khyber quetta kpk