اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين امجد زبير ٽوانا چيو آهي ته ايندڙ مالي سال کان پروسيسنگ ۽ پيڪڊ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو.
سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين ۽ انڊسٽري نمائندي شيخ وقار احمد شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ٻارن جي کير تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز تي غور ڪيو ويو، انڊسٽري نمائندي شيخ وقار چيو ته سيلز ٽيڪس هوريان هوريان وڌايو وڃي، سيلز ٽيڪس سان ٻارن جي کير جي اگهه ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي ويندي.
ايف بي آر چيئرمين چيو ته کير جي ڪمپنين ٻه ورهين دوران پنهنجا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌايا، کير جي ڪمپنين واهپيدارن تي وڌيڪ بار وڌايو پر حڪومت کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، حيران ڪندڙ آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڊسٽري بيوٽرز به ٽيڪس نيٽ ۾ ناهن، ايندڙ مالي سال کان زيرو ريٽنگ مڪمل ختم ڪئي وئي آهي.
ايف بي آر چيئرمين موجب درآمدي کير مقامي کير کان ٻيڻ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، ايندڙ مالي سال کان پروسيسنگ ۽ پيڪڊ اٽي، دالين، چانورن، کنڊ ۽ مصالحن تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو هوندو، جيڪڏهن اسان 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڇڏي ڏيون ته ڪمپني به پنهنجي قيمت 18 سيڪڙو گهٽ ڪري.
senateofpakistan inflation fbr