جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ واهپيدارن جي سهولت لاءِ وائس نوٽ ٽرانسڪرپشن فيچر تي ڪم ڪري رهي آهي جيڪو جلد ئي متعارف ڪرايو ويندو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، وائس نوٽ ٽرانسڪرائب فيچر ذريعي واهپيدارن کي وائس ميسيجز يا وري ڪنهن انٽرويو کي ٻڌڻ جي ضرورت نه پوندي پر هاڻي اوهان پنهنجي مرضي مطابق وائس نوٽ پڙهي سگهندئو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ انتظاميا وائس ٽرانسپرڪشن فيچر ۾ زبان جي تبديلي واري آپشن تي به ڪم ڪري رهي آهي جنهن ذريعي ٽرانسڪرپشن فيچر کي مختلف ٻولين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ايپ ۾ هڪ نئين سيڪشن جو واڌارو ڪري سگهجي ٿو.
فلحال واٽس ايپ واهپيدارن نئين فيچر ۾ پنج ٻولين ( انگريزي، هسپانوي، پرتگالي( برازيل )، روسي ۽ هندي ) دستياب هوندي جنهن مان واهپيدار ڪنهن به ٻولي جي چونڊ ڪري سگهن ٿا جڏهن ته مستقبل ۾ فيچر ۾ وڌيڪ ٻولين کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي وائس نوٽ کي ٽرانسڪرايب ڪرڻ لاءِ 150 ايم بي جي نئين ايپ ڊيٽا کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت پوندي، واڌو ڊيٽا ڊائون لوڊ ڪرڻ کانپوءِ واهپيدار صوتي پيغامن کي پڙهڻ لاءِ نئين فيچر جو استعمال ڪري سگهندا.
نئون فيچر خاص طور اهڙين حالتن ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو جتي وائس رڪارڊنگ ٻڌڻ مشڪل هجي.
WhatsApp voicenote transcriptions