ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ بعد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جا نوان ريڪارڊ ٺهي رهيا آهن.
ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي ٻئين ڏينهن ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئون رڪارڊ ٺهيو ۽ انڊيڪس رڪارڊ 3 هزار 410 پوائنٽس جي اضافي بعد 76 هزار 209 پوائنٽس تي بند ٿيو.
جمعي ڏهاڙي تي به ڪاروبار جي شروعات سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ تيزي ڏسڻ ۾آئي ۽ انڊيڪس 76 هزار 885 تائين پهتو.
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 1102 پوائنٽس جو اضافو ٿيو، جنهن سان انڊيڪس 77 هزار جي سطح عبور ڪري ويو.
StockExchange pakistan karachi
Prev Post
Next Post
You might also like