”عورتن بابت ڳالهائڻ مهانگو پئجي ويندو“ ناديا بهروز سبزواري کي خبردار ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ناديا خان سينئر اداڪار بهروز سبزواري کي تنقيد نشانو بڻائيندي چيو آهي ته منهنجي عورتن جي ڪپڙن تي گهڻي نظر هوندي آهي.
بهروز سبزواري ڪجهه وقت پهريان اداڪارا ناديا خان کي عجيب عورت چوندي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
ناديا خان اداڪارا مرينا خان ۽ روبينا اشرف سان گڏجي هڪ نجي چينل جي ٽي وي شو تي نشر ٿيندڙ ڊرامن ۾ تنقيدي جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي آهي.
ڊرامن تي ٿيل تنقيد تي بهروز سبزواري ناديا خان بابت چيو هو ته ان شو ۾ هڪ عجيب عورت ناديا خان آهي، جيڪا ناليواري مارننگ شو جي اينڪر هئي، هو پنهنجي شو ۾ مهمانن جي بي عزتي ڪندي هئي.
ناديا خان بهروز جي تازن بيانن کي مدنظر رکندي تنقيد ڪئي آهي، ان حوالي سان ناديا جو نجي ميڊيا شو مان ورتل وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهيو آهي.
وائرل وڊيو ڪلپ ۾ ناديا خان جو چوڻ آهي ته مونکي بهروز سبزواري جي عورتن بابت ڳالهيون ڪرڻ تي مسئلو آهي، تازو ئي هن پنهنجي اڳوڻي ننهن جي باري ۾ ڳالهايو جيڪو ماڻهن کي پسند نه آيو، بهروز ڪنهن محل منهنجي ته ڪنهن محل ڪنهن ٻئي عورت جي باري ۾ ڳالهائيندو رهندو آهي.
هن بهروز کي خبردار ڪندي چيو ته سبزواري کي ٻين خاص ڪري عورتن جي باري ۾ ڳالهائڻ مهانگو پئجي سگهي ٿو.
Showbiz Pakistan BehrozSabzwari

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.