ٽرينڊاڊ ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 26 ھين ميچ ۾ ميزبان ويسٽ انڊيز نيوزيلينڊ کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي مسلسل ٻي فتح حاصل ڪري سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ٽرينڊاڊ جي برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
ويسٽ انڊيز پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ جي بالرن پاور پلي دوران زبردست بالنگ ڪندي رڳو 30 رنز تي پنج ويسٽ انڊين بيٽرز کي پويلين ڀيڙو ڪيو.
شروعاتي جهٽڪن کانپوءِ شيرفن ردرفورڊ ٽيم جي بيٽنگ لائين کي سهارو ڏنو ۽ ھڪ اينڊ سنڀاليندي 39 بالن تي 68 رنز جي اننگز کيڏي جنهن ۾ 6 ڇڪا ۽ 2 چوڪا پڻ شامل ھئا.
ان کانسواءِ نڪولس پوران 17، عقيل حسين 15 ۽ آندري رسل 14 رنسون ٺاهي اڳڀرا رھيا.
نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ 3، فرگوسن ۽ سائوٿي 2،2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ويسٽ انڊيز جي 150 رنسن جي ھدف پٺيان ڊوڙندي ڪيوي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ٺاهي سگهي.
گلين فلپس 40 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رھيو جڏھن ته فن ايلن 26 ۽ مچل سينٽنر 21 رنز جي اننگز کيڏي.
ويسٽ انڊيز طرفان الزاري جوزف 4، موتي 3، عقيل حسين ۽ آندري رسل ھڪ، ھڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بيٽنگ تي ردرفورڊ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
واضح رھي ته نيوزيلينڊ جا لاڳيتو ٻي ميچ ھارائڻ بعد سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ جا امڪان گهٽجي ويا آھن. ڪيوي ٽيم کي پهرئين مقابلي ۾ افغانستان ھٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ھو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ويسٽ انڊيز نيوزيلينڊ کي مات ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو
You might also like