فلوريڊا ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن سبب آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون شيڊيول ميچز متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
فلوريڊا ۾ طوفان سبب پاڪستان جو مشن ورلڊ ڪپ خطري ۾ پئجي ويو آهي.
سڀاڻي 14 جون تي آمريڪا ۽ آئرلينڊ جو اهم مقابلو فلوريڊا ۾ رٿيل آهي جنهن جي برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
پاڪستان کي جيڪڏهن ورلڊ ڪپ جي ڊوڙ ۾ شامل رهڻو آهي ته ان لاءِ ضروري آهي ته اِها ميچ ٿئي ۽ آئرش ٽيم ڪاميابي ماڻي، ميچ رد يا برسات سبب بنا نتيجي ختم ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان عالمي ڪپ مان ٻاهر ٿي ويندو.
فلحال گروپ اي مان ڀارت سپر ايٽ مرحلي لاءِ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته آمريڪا، پاڪستان، ڪئناڊا ۽ آئرلينڊ جي پوزيشن اڇا تائين واضح ناهي.
Rain T20Worldcup2024 Pakistancircketteam