ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدارن کي ٻن ڏينهن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس جي ٻُڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ گرفتار جوابدار کي پيش ڪيو ويو، جنهن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.
ٻڌڻي جي موقعي تي عدالت ٻيا جوابدار پيش ڪرڻ جو چيو، جنهن تي پوليس ٻڌايو ته ٻيا جوابدار گرفتار ناھن ٿيا.
عدالت پوليس جي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.
وڪيل عبيدالله گهوٽو موقف اختيار ڪيو ته شهيد جي امڙ مائي پٺاڻي جج آڏو اصل جوابدارن جي گرفتاري جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته کين پوليس تي اعتماد نه آهي.
ايس ايڇ او عدالت کان مهلت طلب ڪئي، عدالت سختي سان هدايت ڪئي ته ڪيس جي جاچ درست ڪئي وڃي، تنهن کانپوءِ ٻڌڻي ڇنڇر تائين ملتوي ڪئي وئي.
nasrullahgadani mirpurmathelo awamiawaz