ايڪس تي به هاڻي واهپيدار فلمون اپلوڊ ڪري پئسا ڪمائي سگهندا

هاڻي ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز وانگي ايڪس جا واهپيدار به وڊيوز اپلوڊ ڪري پئسا ڪمائي سگهندا.
ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سي اي او ايلون مسڪ اعلان ڪيو آهي ته ايڪس جا سبسڪرائبڊ واهپيدار پليٽ فارم تي فلمون، ٽي وي سيريز يا پوڊڪاسٽ پوسٽ ڪري مونيٽائزيشن ذريعي پئسا ڪمائي سگهندا.
اسٽريمنگ سروس پيشن فلڪس جي گڏيل بنياد رکڻ واري ڀيڻ ٽوسڪا مسڪ کي جواب ڏيندي ايلون مسڪ چيو ته هاڻي واهپيدار ايڪس تي مڪمل دورانيي جون فلمون اپلوڊ ڪري پئسا ڪمائي سگهندا.
ايلون چيو ته ان پليٽ فارم تي پنهنجون فلمون اپلوڊ ڪرڻ سان واهپيدارن کي ويوز ذريعي پئسا ملي سگهندا، پر واهپيدارن کي اهڙي سروس حاصل ڪرڻ لاءِ سبسڪرپشنز آن ڪرڻو پوندو.
Twitter ElonMusk Monetization

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.