ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت ۾ هڪ رهائشي عمارت ۾ باهه لڳڻ سبب 41 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪويتي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪويت جي شهر المنقف ۾ 12 جون جي صبح رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته متاثر عمارت ۾ هڪ ئي ڪمپني جا 160 ملازم رهندڙ هئا، جن مان وڏي انگ ۾ ملازمن کي بچايو ويو، جيڪي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.
اختيارين موجب اڪثر فوتگيون دونهين سبب ساهه منجهڻ جي ڪري ٿيون.
عمارت ۾ باهه لڳڻ جو ڪارڻ معمول ناهي ٿي سگهيو ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
هوڏانهن ڪويتي گهرو وزارت عمارت ۽ ڪمپني مالڪ جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.
kuwait kuwaitcity middleeast