ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين موسم وڌيڪ گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي، شهر ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته قمبر – شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن گرمي پد 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪشمور ۽ سکر ۾ به پارو 46 کان 48 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگهي ٿو.
sindh weatherupdate heatwave